ڌڻ ڌيئرن جو

ڌڻ ڌيئرن جو (ڪتاب): هي ڪتاب مشهور ليکڪ گ. ل. ڏوڏيجا جي ناٽڪن جو مجموعو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل سمورا ناٽڪ مذاقيه آهن ۽ يڪ فصلا (One Act Play) آهن، جن جا عنوان آهن: (1) اڌ شرير جو انگي حساب، (2) پتڪڙو پهاڪائي ناٽڪ، (3) ڌڻ ڌيئرن جو، ۽ (4) لڪشميءَ جا گهڻا پتي. 104 صفحن جي هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڇپائيندڙ ادارو، ’پستڪ سنڌو‘ - پونا (انڊيا) آهي. ڪتاب 1983ع ۾ ڇپيو آهي ۽ ان جي قيمت 8 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو